اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگز??ب چيو آهي ته شريف ??يملي طرفان جمع ڪرايل قطري خط، ٽرسٽ ڊيڊ ۽ گلف اسٽيل جي مشينري منتقلي بابت ثبوتن جي تصديق ۽ لاڳاپيل فرم سان رابطو ئي نه ڪيو ويو، جي آءِ ٽي ڪيس ۾ شريف ??يملي جي انهن ٽنهي دستاويزن کي ثبوت طور شامل ئي نه ڪيو ويو. هو احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي، مملڪتي وزير مريم اورنگز??ب چيو ته گذريل ٽن ڏينهن اندر واجد ضياءُ جيڪي بيان رڪارڊ ڪرايا آهن ان تي شريف ??يملي جي وڪيل خواجه حارث جرح ڪري رهيو آهي ان ۾ هي ??اض?? ٿي چڪو آهي ته شريف ??يملي طرفان مني ٽريل سان پيش ڪيل قطري خط، ٽرسٽ ڊيڊ ۽ گلف اسٽيل جي مشينري منتقلي جي دستاويزن تي ڪنهن قسم جو ايم ايل اي جمع ناهي ڪرايو ويو، هن چيو ته هي ٽهي مرڪزي ثبوت هئا انهن ٽنهي کي پاڻ ئي سمجهيو ويو ته هي جعلي آهن، انهن ج?? ڪا تصديق نه ڪئي وئي.
شريف فيملي طرفان جمع ڪرايل ثبوتن جي تصديق نه ڪرائي وئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria