اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار عهدو ڇڏيندڙ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اشرف محمود وٿرا جي پروفيشن??زم ۽ عزم کي ساراهيندي چيو آهي ته اشرف محمود سڄي مدي دوران پنهنجي ڪم سان مخلص رهيو ۽ مالياتي پاليسي تي شفاف عملدرآمد ۽ سرمائي جي منڊي جي ريگيوليشن ۾ نمايان ڪردا?? ادا ڪيو. اها ڳالهه هن عهدو ڇڏيندڙ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان ڳالهائيندي چئي جنهن ناڻي واري وفاقي وزير سان الوداعي ملاقات ڪئي. اسحاق ڊار اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي حيثيت سان اشرف محمود وٿرا جي خدمتن کي ساراهيو ۽ پنهنجو مدو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي کيس مبارڪباد ڏني.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن