اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جي آءِ ٽي آئين ۽ قانون کان تجاوز ڪيو، ان جي رپورٽ بدني??ي تي ٻڌل آهي جنهن تي ش??يف خاندان آئين ۽ قانون موجب پنهنجا خدشا سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا آهن، محمد نواز ش??يف کي پاڪستان جي عوام ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊيو آهي، سندس سمورن اثاثن جو رڪارڊ ان جي ماليا??ي تفصيلن، ويلٿ اسٽيٽمينٽ ۽ سندس ٽيڪس ريٽرن سڀ ڪجهه ادارن جي ويب سائيٽ ۽ رڪارڊ تي موجود آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن جڏهن ش??يف خاندان کي سپريم ڪورٽ گهرايو اهي پيش ٿيا ۽ وزيراعظم محمد نواز ش??يف پاڻ ??ي احتساب جي لاءِ پيش ڪري تاريخ لکي.
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب