اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سي پيڪ جي حوالي سان چي?? سان جنهن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون اهي دستاويز سينيٽ چيئرمين کي پيش ڪيا ويند??، جنهن کي ميمبر به ڏسي سگهندا، سي پيڪ جي حوالي سان حڪومت ڪجهه لڪائي نه رهي آهي پر هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاملو آهي ان لاءِ دستاويزن کي عام نٿو ڪري سگهجي، سين??ٽ ۾ چيئرمين گذريل ڏينهن ٿيندڙ بحث مان اٿندڙ سوالن جي وضاحت جي لاءِ وفاقي وزير احسن اقبال کي خيالن جي اظهار لاءِ دعوت ڏني جنهن تي هن چيو ته سي پيڪ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي جيڪي صحيحون ٿيون ان ۾ پاڪستان طرفان مون صحيح ڪئي آهي
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج