تل ابيب – 26 جولاءِ (اي پي پي) اسرائيل جي گادي واري شهر تل ابيب ۾ ڪيترن ئي فلسطيني شهرين ۽ يهودي اسرائيلين غزه ۾ جنگ ۽ تشدد جي سلسلي جي خاتمي لاءِ امن مارچ ڪيو. هنن غزه ۾ جنگ بندي ۽ فلسطين -اسرائيل لاڳاپن کي ٻيهر معمول تي آڻڻ جو مطالبو ڪيو. ان م??قعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته بنياد پرست امن تحريڪ کان وڌيڪ بلند تر ٿي ويا آهن ان ڪري هاڻي اسانکي جنگ بندي ۽ امن با???? بنياد پرست ٿيڻو پوندو جيڪو اسان چاهيون ٿا. هنن چيو ته اسان وڌيڪ تشدد کي تشدد سان روڪي نٿا سگهون. اسانکي اسرائيل اندر فلسطينين ۽ يهودين ٻنهي لاءِ سٺي زندگي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. اسانکي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته انهن کي به هتي رهڻ جو ايترو ئي حق آهي. هنن چيو ته جنگ جي ڦه??جڻ کانپوءِ هڪ احساس شدت اختيار ڪري رهيو آهي ته صورتحال کي ايئن نٿو رکي سگهجي، امن ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.
فلسطيني ۽ يهودي مظاهرين پاران اسرائيل ۾ غير معمولي امن مارچ، غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea