رياض-19 اپريل(اي پي پي)سعودي عرب گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل پاران گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي مڪمل ميمبر شپ کي تسليم ??رڻ واري ٺهراءَ جي ناڪامي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي مڪمل ميمبر شپ قبول ??رڻ ۾ رڪاوٽون اسرائيلي قابض رياست جي مداخلت ۽ ان جي پاران عالمي قانون جي لڳاتار خلاف ورزين کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون. پرڏيهي وزارت عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته غزه ۾ فلسطيني شهرين تي قابض اسرائيلي حملن کي روڪڻ، فلسطيني عوا?? جي ??ود اراديت واري حق جي حمايت ۽ 1967 جي سرحدن تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيا?? جي ذميواري قبول ڪري،عرب امن فارمولي کي اڳيان وڌائي ۽ گادي واري شهر اوڀر بيت المقدس تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام کي تسليم ??رڻ لاءِ پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪري، واضع رهي ته خميس تي سلامتي ڪونسل جي اجلاس ۾ آمريڪا ??لج??ائر پاران فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر شپ ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءَ خلاف پنهنجي ويٽو پاور جو استعمال ڪيو،سلامتي ڪونسل جي 12 ميمبرن ٺهراءَ جي حمايت ڪئي جڏهن ته آمريڪا ان ٺهراءَ کي ويٽو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل ميمبر شپ جي ٺهراءَ جي ناڪامي افسوس جوڳي آهي:سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج