دوحه -01 نومبر (اي پي پي) اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ قطر خبردار ڪيو آهي، ته اسرائيل جا غزه ۾ وڏي پئماني تي حمل?? ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. پرڏيهي اخبار مطابق قطر غزه جي سڀ کان وڏي پناهگير ڪيمپ تي اسرائيل جي بمباري جي مذمت ڪ??دي خبردار ڪيو آهي، ته غزه پٽي تي جاري وڏي پئماني تي فوجي حمل?? ٽياڪڙي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندا. دوحه جي پرڏيهي وزارت جباليه ڪيمپ تي حملي کي معصوم فلسطيني عوام خلاف هڪ نئون قتل عام قرار ڏنو. قطر جي پرڏيهي وزارت مطابق قطر غزه پٽي ۾ شهري هدفن تي اسرائيل جي حملن ۾ واڌ خلاف به خبردار ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔