رياض -20 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت آفيشل اڪائونٽ ذريعي ضيوف الرحمان جي استقبال ۾ هڪ سينيما فلم جو آغاز ??ري ورتو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ا??ا فلم حج جا رڪن ادا ڪرڻ جي تياري جي موقعي تي پيش ڪئي ويندي. حج ۽ عمري ب??بت وزير ڊاڪٽر توفيق ا??ربيعه چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن بعد سڄي دنيا مان لکين مسلمان ان عظيم تلبيه جو ورد ڪندا سعودي عرب اتان جي حڪومت ۽ عوام حاجين جي ميزباني لاءِ تياري ??ري ورتي آهي. ان موقعي تي هن خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورا به مڃيا جن جي خاص هدايتن تحت حاجين جي ميزباني ب??بت تيارين جون ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته اسان 160 ملڪن مان 20 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن جي ميزباني جي تياري ??ري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ 9 اسٽيشون ۽ 17 ريل گاڏيون به ان خدمت ۾ شامل هونديون جڏهن ته 24 هزار بسون به ان خدمت جي ٻيڙي ۾ شامل آهن. منيٰ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو خيما شهر ٺاهيو ويو آهي ان خيما وسندي جي ايراضي 21 لک 92 هزار چورس ميٽر آهي.
سعودي دنيا کان ايندڙ 20 لک حج پانڌيئڙن جي ميزباني جي تياري ڪري ورتي آهي: سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج