اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪ??رڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ويون، پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي ر??هه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسم??ر 2024ع ت??ئين 3.1 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو وصول ٿيو، جيڪو نوم??ر 2024ع جي ڀيٽ ۾ 5.6 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ڊسم??ر 2023ع کان ڊسم??ر 2024ع ت??ئين مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 29.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪ??رڊ اضافو اسان جي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو عڪاس آهي. مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪ??رڊ اضافي سان ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ويون. هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي ر??هه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پرعزم آهي.
وزيراعظم پاران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار