اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري و??اق?? وزير سينيٽر اعظم نذير ت??رڙ ڪالهه هتي د??ت، ارش ۽ دامن فنڊ جي ايڊمنسٽريٽو جي 10هين اج??اس جي صدارت ڪيئ. اج??اس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبر خاص ڪري سيڪرٽري، گهرو وزارت جي نمائندن ۽ پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي گهرو ۽ جيل کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب اج??اس ۾ انهن قيدين جي ڪيسن تي غور ڪيو ويو جيڪي د??ت، ارش ۽ دامن جي رقم ادا نه ڪري سگهڻ سبب جيلن ۾ قيد آهن. ڪميٽي صوبائي ذيلي ڪميٽين طرفان اُماڻيل 9 ڪيسن جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. اهي ڪيسَ ديت، ارش ۽ دامن فنڊ جي قاعدن 2007ع تحت جي اهل قيدين جا هئا جن ۾ اهي ماڻهو شامل آهن جيڪي جسماني يا ذهني بيمارين جو شڪار آهن، عورتن، ٻارن، نابالغ، يتيم ۽ اهي قيدي جيڪي پنهنجي سزا جو وڏو حصو مڪمل ڪري چڪا آهن پر م??لي وسيلن جي کوٽ سبب ديت، ارش ۽ دامن جي رقم ادا نٿا ڪري سگهن. اج??اس دوران ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي ئي ته هو سمورن اهل ڪيسن کي مڪمل دستاويزن سان حتمي جائزي کان پوءِ جمع ڪرائين، جن ۾ قانوني وراثتي سرٽيفڪيٽس ۽ فيصلن جي تصديق ٿيل نقل شامل آهن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو ڪيسن جو تفصيلي جائزو فراهم ڪن ته جيئن وڌيڪ تصديق ۽ ڪارروائي ڪري سگهجي. و??اق?? وزير ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي محنت کي ساراهيو ۽ هڪ مربوط طريقيڪار کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن ڪيسن کي اثرائتي طريقي ۽ شفافيت سان حل ڪري سگهجي. هن لاڳاپيل سمورين ڌُرين، خاص ڪري گهرو کاتي، جيل عملدارن ۽ گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان عمل ۾ فعال طور تي سهڪار ڪن، طريقيڪار ۾ دير کي ختم ڪن ۽ حقدار م??ڻهن تائين انصاف پچائڻ کي يقيني بڻائين. اج??اس جي پڄاڻي ان عزم سان ٿي ته انصاف، عدليه ۽ انساني حقن جي اصولن کي هٿي ڏيندي اهل قيدين کي ضروري مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري ڪيون وينديون.
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ ديت، ارش ۽ دامن فنڊ جي ايڊمنسٽريٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی