اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفا??ي وزير قيصر احمد شيخ سان ڊئنمارڪ جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جي دؤري کان اڳ ڊئنمارڪ جي شپنگ ڪمپني ميرسڪ لائن جي سينيئر عملدارن اهم ملاقات ??ئي. وفا??ي وزير ميرسڪ لائن جي عملدارن کي چيو ته ملڪ جي سامونڊي شعبي ۾ 2 بلين آمريڪي ڊالرن جي تاريخي سيڙپڪاري اچڻ وڏي ڪاميابي آهي. وفا??ي وزي?? پاڪستان حڪومت تي ان اعتماد جو اظه??ر ڪرڻ تي ڊئنمارڪ جي حڪومت ۽ ميرسڪ لائن جو ٿورو مڃيو. ميرسڪ لائن ڪمپني جي عملدارن سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان حڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظه??ر ڪندي چيو ته معاهدي کان اڳ اسان مطمئن آهيون. وفا??ي وزير قيصر احمد شيخ ميرسڪ عملدارن کي ان جي آپريشنز کي آسان بنائڻ ۽ پيش ايندڙ ڪنهن به چئلينج کي مُنهن ڏيڻ ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. وفا??ي وزير چيو ته اسان ميرسڪ لائن سان ڪم ڪرڻ ۽ ان جي سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ هموار ۽ مؤثر عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته حصيداري جي شرطن ۽ ضابطن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي ۽ اڄ جي ملاقات ٻنهي ڌُرين وچ ۾ هڪ باضابطه معاهدي کان اڳ هڪ واضح مفاهمت قائم ڪرڻ ۾ سازگار ماحول ثابت ٿي. وفا??ي وزير ان اميد جو اظه??ر ڪيو ته هي تعاون پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي راهه همو??ر ڪندو ۽ پاڪستان جي سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي وفا??ي وزير قيصر احمد شيخ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته پاڪستان حڪومت سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ سمورن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ميرسڪ لائن سان ان جي حصيداريءَ سان پورٽس جي ترقي، روزگار جي مو??عن ۽ مجموعي اقتصادي ترقيءَ جا بيشمار موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي جنهن سان عالمي شپنگ انڊسٽريءَ ۾ پاڪستان جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ڊئنمارڪ جي شپنگ ڪمپني ميرسڪ لائن جي عملدارن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار