اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ڪڙمه ۾ فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورس?? کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن نائب صوبيدار طيب شاهه، ل??نس نائيڪ گلاب زمان، ل??نس نائيڪ مزمل محمود ۽ ل??نس نائيڪ حبيب الل?? جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي د??ا ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز ضايع نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن