رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏ??ي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪندا، معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي ع??ب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي سعودي ع??ب جي شاهي ديوان جو صلاحڪار محمد بن التويجري پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جو سلسلو جا??ي آهي. پنهنجي تازي سعودي ع??ب جي دوري جي دوران وزيراعظم جي خصوصي ڪوششن سان سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ وڌيڪ 600 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي اتفاق ٿيو آهي. ان کان اڳ سعودي ع??ب جي سيڙپڪاري وفد جي آڪٽوبر 2024ع ۾ پاڪستان جي دوري ۾ 2.2 ارب ڊالر جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. وزيراعظم جي تازي سعودي ع??ب جي دوري ۾ 600 ملين ڊالر جي اضافي سان مجموعي طور تي پاڪستان ۾ تازي سعودي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. جڏهن ته سعودي ع??ب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ صحيحون ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي. سعوديه پاڪستان سيڙپڪاري م??صو??ن مان 5 م??صو??ن تي ڪم شروع ٿي تيزي سان تڪميل طرف گامزن آهي. وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فر??غ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاران سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ سعودي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ٿيل معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب