اسلام آباد – 25 – جو??ائ?? (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اي سي او جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اي سي او جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي اي سي او جي قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ پنهنجي دور ۾ اي سي او کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي اي??نڊا کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم تنظيم جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي خدمتن کي ساراهيو. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن ۽ اي سي او جي سڌاراجاتي اي??نڊا جي وچ ۾ ع??ائ??ائي واپار کي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي آگسٽ ۾ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر اسد مجيد خان پنهنجي ٽن سالن جي دور ۾ خسرو نوزيري جي سٺي ڪم کي جاري رکندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ