اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، پوليو ??رڪرز ان سلسلي ۾ هراول دستي ج?? ڪم ڪري رهيا آهن. صحت وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهيون ڪندي ڪيو جنهن هن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آمريڪي سفير مختصر مدي ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيل قدمن ۽ ??ڌا??ن تي نگران وزير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪنداسين. ڊاڪٽر نديم جان چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته پوليو ??رڪرز ملڪ مان پوليو جي خاتمي ۾ هڪ هراول دستي ج?? ڪم ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن