اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته سنڌ جي ناليواري ڊراما ليکڪ، ناول نگار ۽ افسانه نگار علي بابا جو فن امر ۽ لازوال آه??، علي بابا جي لکڻين ۾ وجوديت ۽ ذات جي گهرائي نظر اچي ٿي، علي بابا موهن جو دڙو تي شاندار ناول ??کي??، سندس لکڻين جو اردو سميت ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت آه??. اها ڳالهه هن اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ۾ تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي ??کي?? ڪتاب ”علي بابا جي شخصيت ۽ فن“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته مدد علي سنڌي علي بابا ۽ سندس زندگي تي تمام شاندار ڪتاب ??کي?? آه??. هن چيو ته علي بابا فقير ۽ درويش انسان هو جيڪو ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيو. هن چيو ته سنڌ هڪ مضبوط ثقافت ۽ تهذيب رکندڙ سرزمين آه??، ان جو پنهنجو هڪ مزاج آه??. هن چيو ته علي بابا جي شخصيت بابت ڪتاب جي اندر ڪافي تفصيل موجود آه??. هن چيو ته علي بابا جيترو وڏو ليکڪ هو ايترو ئي هو پنهنجي عظمت کان غافل هو، هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ لکڻين ۾ پنهنجي عظمت جي بار بار نفي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته علي بابا جي لکڻين ۽ افسانن ۾ وجوديت ۽ ذات جي گهرائي نظر اچي ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته علي بابا موهن جو دڙو تي شاندار ناول ??کي??، سندس لکڻين جو انگريزي سميت پاڪستان ۾ ار??و ۽ ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت آه??. نگران وفاقي وزير چيو ته علي بابا جو ڊرامو ”دنگي منجهه درياءَ (دريا ۾ تيرندڙ ٻيڙي) ميوخ ۾ ٿيندڙ سالياني ڊراما فيسٽيول ۾ بهترين ڊرامي جو ايوارڊ کٽيو. نگران وفاقي وزير چيو ته علي بابا تمام گهڻي مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي گذاري پر پنهنجي عزت نفس کي ڪڏهن قربان نه ڪيو. هن علي بابا جي لکڻين کي پڙهڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته علي بابا جو فن امر ۽ لازوال آه??، علي بابا اڄ به اسان سان گڏ پنهنجي فن جي صورت ۾ موجود آه??. هن نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن علي بابا جي زندگي تي هڪ بهترين ڪتاب ??کي??. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته موجوده ڊيجيٽل دور ۾ علي بابا جي لکڻين کي نئين شڪل ڏئي پيش ڪيو وڃي.
علي بابا جو فن امر ۽ لازوال آهي، موهن جو دڙو ناول شاندار آهي، سندس لکڻين جو اردو سميت ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل