اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ??يو آهي ته نگران پرڏيهي ??زي?? جليل عباس جيلاني گذريل هفتي گڏيل قومن، اس??امي تعاون تنظيم ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان ??ارتي سپريم ڪورٽ جي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪسمير بابت تازي فيصلي جي غيرقانوني حيثيت طر?? ڇڪرايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران پرڏيهي ??زي?? انهن خطن ۾ ان ??الهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي قانون تحت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلا گڏيل قومن جي سالامتي ڪائونسل جي قراردادن کان هٽي نٿا ڪري سگهن ۽ عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقي جي حيثيت کي تبديل نه ٿا ڪري سگهن. ترجمان ??يو ته نگران پرڏيهي ??زي?? گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اها ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت پنهنجي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت تي زور ڏي ته هو ??ال??ريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي ختم ڪري ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي سمورن غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي. ترجمان ??يو ته پاڪستان ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
نگران پرڏيهي وزير ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکيو آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج