پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ پاڪ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي، اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي ۽ ري??ست جي رٽ کي چئلينج ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وز??راعظم جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه سان لاڳاپيل معاملن تي اهم اجلاس گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيو. نگران وز??راعظم کي خيبرپختونخواهه جي امن امان جي تا??ي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن پاران نگران وز??راعظم کي صوبي کي درپيش مالي مسئلن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وز??راعظم چيو ته حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۾ فوج پاران فراهم ڪيل مدد ساراهه جوڳي آهي. نگران وز??راعظم زور ڏئي چيو ته اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو. نگران وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي واپس موڪليو پيو وڃي جڏهن ته اهو خيال رکيو وڃي ته قانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ان حوالي سان ڪا ڏکيائي نه ٿئي. هن هدايت ڪئي ته امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪ?? وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس ۽ انتظاميا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. نگران وز??راعظم چيو ته اسان ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين ته ڪا تنظيم يا جٿو هٿيار کڻي ري??ست جي رٽ کي چئلينج ڪري. هن هدايت ڪئي ته پوليس کي جديد اوزارن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن دهشتگردي جي لعنت کي بهتر انداز ۾ منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته وفاقي حڪو??ت خيبرپختونخواهه حڪومت کي هر ممڪن سهولتون ۽ وسيلا فراهم ڪندي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج ۽ پوليس لازوال قربانيون ڏنيون آهن، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس سان گڏ بيٺل آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. نگران وز??راعظم خيبرپختونخواهه کي درپيش مالي ۽ ٻيا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته صوبي جي مالي مسئلن ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وز??ر اعظم خان، نگران صوبائي وز??ر سيد مسعود شاهه، بئريسٽر فيروز جمال، جسٽس (ر) ارشاد قيصر، احمد رسول بنگش، آصف رفيق، ڊاڪٽر نجيب الله، ڊاڪٽر محمد قاسم جان، جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، سيد عامر عبدالله، انجنيئر عامر نديم دراني، انجنيئر احمد جان، نگران وڏي وز??ر جي صلاحڪارن ڊاڪٽر رياض انور، ڊاڪٽر سرفراز علي شاهه، نگران وڏي وز??ر جي خاص معاون ظفر الله خان، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه نديم اسلم چوڌري ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
اسمگلنگ ۽ ڪرپشن کي بلڪل برداشت نه ڪيو ويندو، خيبرپختونخواهه پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری