اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آئين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جي لاءِ هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ سرگرميون ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان پنهنجو پاڻ کي انهن چئلينجن جي ??وسط سان متعارف نه ٿا ڪريون جن کي اسان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪهڙي طرح ڪريون ٿا اهو اسان جو تعارف آهي. هن چيو ته آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ جي ??اوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت جي ??سلسل جو سهرو پاڪستاني عوام ڏانهن وڃي ٿو. هن اهو به چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به قانون کي پنهنجي هٿ ۾ نه کنيو پر هن ملڪ جي ??اطر ٽن نسلن جي قربانين کي ترجيح ڏني. بدترين آمريت جون آزمائشون بيان ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي سدائين جمهوري رستي جي چونڊ ڪئي آهي. پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ پاپولسٽ سياسي افساني سياست کي يرغمال بڻائي رکيو آهي جنهن سان پاڪستان جي ??وام کي شديد پريشاني درپيش آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ??وام تشدد کي سدائين رد ڪري ٿي، ڀلي اها ڪنهن به شڪل ۾ هجي يا ڪنهن نعري تحت شروع ڪيو ويو هجي. پاڪستان جي ??وام ۽ سياسي پارٽيون پارليامينٽ، اسپيڪر ۽ سمورن رياستي ادارن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿيون. هن چيو ته امن امان جي ??ازي صورتحا?? ڳڻتي جوڳي آهي ڇو ته ڪجهه غيرجمهوري عنصر ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آئين کي فوجي ??مرن بنا ڪنهن پڇتاءُ جي لتاڙي ڇڏيو جنهن کي عوام جي ??دوجهد سان شڪست ٿي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي جارحيت ۽ غيرائيني قدمن جي ??لاف پنهنجي ??دوجهد جاري رکندي.
آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II