اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان هر شيءَ جو الزام جنرل باجوه تي هڻي ٿو، هو جواب ڏي ته ڇا هو رڳو هيليڪاپٽر جي سير لاءِ وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺو هو؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته ڇا 2018ع ۾ حڪومت باجوه ٺاهي هئي؟ عالمي سازش باجوه ڪئ??؟ توشه خانه جون گهڙيون باجوه جي چوڻ تي چوري ڪيون؟ عدت ۾ شادي باجوه جي چوڻ تي ڪئي؟ ملڪ رياض کان هيرا، زمينون پنڪي باجوه جي چوڻ تي رشوت ۾ ورتيون؟ سي پيڪ باجوه جي چوڻ تي روڪيو؟ معيشت تباهه، آءِ ا??م ايف مع??هدي جي خلاف ورزي باجوه جي چوڻ تي ڪئي؟ هن چيو ته ڇا مير جعفر کي ايڪسٽينشن ۽ ٻي ايڪسٽينشن جي آفر باجوه جي چوڻ تي ڏني؟ بوزدار ۽ پرويز الاهي کي وڏو وزير باجوه جي چوڻ تي هنيو؟ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون باجوه جي چوڻ تي ٽوڙيون؟ هن چيو ته عمران خان رڳو پنهنجي مرضي سان 55 رپين ۾ بني گالا کان وزيراعظم هائوس هيليڪاپٽر جو سير ڪندو هو؟.
عمران خان هر شيءَ جو الزام جنرل باجوه تي هڻي ٿو، هو جواب ڏي ته ڇا هو رڳو هيليڪاپٽر جي سير لاءِ وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺو هو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔