اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج ع??يدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظ??ار پاڪ فوج جي شهيد اهلڪارن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر شهيدن جي فرض شناسي ۽ بهادري تي انهن کي سلام پيش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 15 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظ??ار ڪيو. هن لانس نائيڪ شعيب علي ۽ سپاهي رفيع الله جي ڀائرن سان رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج ع??يدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن پونئيرن سان همدردي جو اظ??ار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
صدر پاران ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر