اسلام آ??اد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سينيئر عملدارن جي وچ ۾ ڳالهين جو اٺون سيشن اسلام آ??اد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ممتاز زهره بلوچ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته آسٽريليا وفد جي قيادت اتر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت فرسٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري گيري ڪوون ڪئي. ڌرين ٻطرفي تعاون تي ٺوس خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ اعليٰ سطح جي مٽاشتا، سياسي، اقتصادي، ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، دفاع، سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، ل??پل??ڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون پڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس ٻڌايو ته ڌرين هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کان پڻ ??گا??ه ڪيو ۽ گهڻ رخي ترجيحن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري آسٽريلوي وفد کي ڏکڻ ايشيا جي علائقائي صورتحال بشمول افغانستان جي انساني صورتحال ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تي بريفنگ ڏني. ترجما?? چيو ته گذريل ??ينهن آسٽريليا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسلام آ??اد ۾ واپاري ڳالهيون پڻ ٿيون، ڌرين زراعت ۽ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون تي خاص ڌيان ڏيندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ه?? چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾و اپاري پهچ ۾ اضافي ۽ ملڪيتي حق دانش جي گڏيل تحفظ خاص طور تي باسمتي چانور جي جاگرافيائي اشاري بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سينيئر عملدارن جي وچ ۾ ڳالهين جو اٺون سيشن
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا