اسلام آباد/نواب شاهه – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سرندي وارن کي ٻوڏ سٽيلن جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثر عورتن، ٻارن، انهن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، عالمي برا??ري کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي نوابشاهه ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. ??در پاران پنجاب حڪومت جي تعاون سان نوابشاهه جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ 5 ڪروڙ جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. ??در نوابشاهه ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻوڏ جي ڪري ٻين علائقن ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي، شايد هي سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۾ وڏي ٻوڏ آئي، عالمي گرمي پد جي اضافي ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پاڪستان ان کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، عالمي برا??ري کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. ??در چيو ته موسمياتي تبديل?? کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح تي مثبت ۽ ڏورس قدمن جي ضرورت آهي، ٻوڏ کان متاثر عورتن ۽ ٻارن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل، گهرن ۽ عمارتن جو نقصان ڏسي شديد افسوس ٿيو. ??در سرندي وارن کي متاثرين جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم مشڪل وقت ۾ سدائين پنهنجي ڀائرن جو سهارو بڻي آهي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي پاڪستاني رهواسين سان گڏ آهيون، مشڪلاتن جو هر ممڪن ازالو ڪيو پيو وڃي، خواهش آهي ته جلد کان جلد ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ڪيو وڃي. ??در چيو ته حڪومت ۽ سمورا فلاحي ادارا ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ امداد جي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهيا آهن. ??در ڪئمپ ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرين سان پڻ ملاقات ئي. ??در کي ان موقعي تي انتظاميا پاران بريفنگ پڻ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نوابشاهه جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، 247000 ايڪڙ کان وڌيڪ فصل تباهه ٿيا، اسڪولن ۽ گهرن کي تمام گهڻو نقصان پهتو.
صدر پاران سرندي وارن کي ٻوڏ سٽيلن جي وڌيڪ امداد جي اپيل
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا