اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻيلن ?? اضافي سان پائيدار ترقي جي فروغ، م??ڪ کي ماحول دوست بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. قومي چوماسي وڻڪاري مهم شروع ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته موسم??ات?? تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافو دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهرجڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيو آهي. پاڪستان جو ماحول??ات?? نظام به موسم??ات?? تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري خطري ۾ ورتل آهي. هڪ تازي رپورٽ موجب پاڪستان موسم??ات?? تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اٺون ملڪ آهي. پاڪستان، فلپائن ۽ هيٽي جه??ن ملڪن کي اڪثر قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڪستان کي عالمي حدت ۽ موسم??ات?? تبديلين جي ڪري اٽڪل هر سال ٻوڏ جه??ي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ اربين رپين جو نقصان به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته هڪ اندازي موجب گذريل 19 سالن ?? پاڪستان کي ماحول??ات?? تبديلي سان واڳيل 173 واقعن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن سال به پاڪستان کي ٻوڏ صورتحال ۽ برساتن جي ڪري تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻين قدمن کانسواءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۽ وڻڪاري مهم سان پاڪستان جي قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ?? اضافي ۽ عالمي حدت جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته عالمي معيار موجب ڪنهن به ملڪ جي ٻيلن جي ايراضي اتڪل 25 سيڪڙو هجڻ گهرجي جڏهن ته عالمي بئنڪ جي سال 2020ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي اٽڪل 4.8 سيڪڙو آهي. اسان کي پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ ٻيلا لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششون ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻي پوندي.
صدر پاران ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil