اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ عوامي جمهوريه چين جي ناظم الامور ڦينگ چنگزو وزيراعظم هائوس ۾ خيرسگالي م??اق??ت ڪئي. ڦينگ چنگزو کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي چين جي حڪومت ۽ قيادت پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. چين جي ناظم الامور زور ڏنو ته چين وزيراعظم شهباز شريف کي هڪ مضبوط ۽ پڪو عزم رکندڙ پنهنجي دوست طور ڏسي ٿو جنهن جو چين ۾ تمام گهڻو احترام ۽ تعريف ڪئي وڃي ٿي. هن گذريل حڪومت جي دور ۾ بطور پنجاب جي وڏي وزير پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فروغ لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪئي. چين جي قيادت جي لاءِ گرمجوشي تي ٻڌل خواهشن ۽ مبارڪباد جي جذبن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چين جي پنهنجي ڪيترن ئي دورن جو حوالو ڏنو جن دوران هن صدر شي جن پن?? سان م??اق??ت جو پرمسرت اعزاز حاصل ٿيو ۽ صدر شي پ??ڪستان سان لاڳاپن جي فروغ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي. وزيراعظم صدر شي جن پن?? جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ تي جاري اڳڀرائي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان جي اهميت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقياتي منصوبن تي ع??لد??آمد جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ان کي چين پاڪستان دوستي ۽ گهري حصيداري جي علامت بڻائڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن صنع??ن جي قيام، زراعت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ چين پاران سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهميت تي زور ڏنو. پنجاب جي وڏي وزير طور چين سان پنهنجي ويجهي تعاون جو حوالو ڏيندي وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي پ??ڪستان جي پ??ڏيهي پ??ليسي جو بنيادي ٿنڀ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جو عنصر قرار ڏنو. هن زور ڏئي چيو ته چين سان دوستي پ??ڪستان ۽ چين جي عوام جي دل ۾ موجود آهي ۽ چين پاڪستان جو مضبوط ۽ ويجهو ترين حصيدار آهي. وزيراعظم هڪ جهڙي مفاد ۾ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ معاشي ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي ناظم الامور جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق