اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اسلامي جمهوري پاڪستان جي ”آزادي جي ڏهاڙي“ تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهراين سا?? مبارڪون ڏنيون آهن، هن قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ??ڄ پوري قوم 14 آگسٽ تي آزادي جو ڏهاڙو نئين جوش ۽ جذبي سا?? ملهائي رهي آهي، اسان کي يقين رکڻ گهرجي ته ??سان جو آزادي جو ڏهاڙو ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي لاءِ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي استحڪام جي خوشبري کڻي ايندو. هن چيو ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته گذريل ڪجهه سا??ن ۾ سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ عالمي وبا گهيري رکيو آهي جنهن جي ڪري سمورن ملڪن جي معيشت، اقتصاديات، ت??ليم، صحت سميت سمورا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آ??ن، هن چيو ته ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ احتياط سميت حفاظتي قدم ضروري آهن. موجوده حڪومت ان موذي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي اها واکاڻ جوڳي آهي.
سينيٽ چيئرمين پاران آزادي جي ڏهاڙي جون ملڪ اندر ۽ ٻاهر رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪون
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena