عمان – 26 مارچ (اي پي پي) ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ ??ڏي?? قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو. سيڪريٽري جنرل انروا تي لڳ??تا?? اسرائيلي الزامن ۽ حملن کان پوءِ ان اداري جي حوالي سان اردن جي گادي واري هنڌ عما?? ۾ ??ريس ڪانفرنس ۾ انهن ملڪن کان مطالبو ڪيو جن انروا جي فنڊنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته هو پنهنجي موقف کان پوئتي هٽي وڃن. هن عما?? ۾ ??اقع وحدت مهاجر ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو. عالمي اداري جي سربراهه چيو ته انروا نهايت ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته امدادي اداري خلاف الزامن جي جاچ جاري آهي ۽ انروا جي مالي سهڪار بند ڪرڻ وارن ڪجهه ملڪن پنهنجو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه ملڪ جاچ نتيجن جا منتظر آهن. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته انروا کي ٻيهر مالي سهڪار فراهم ڪرڻ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ايجنسي غزه ۾ شهرين جي زن??گي مهيا ڪرڻ جو هڪ اهم رستو آهي ۽ اسان ان کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين.
انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado