جده -19 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزارت مڪي پاڪ جي برانچ چيو آهي، ته جده اسلامي بندرگاه رستي ??يل 14 لک کان وڌيڪ چوپائي مال جي ڪليئرنس جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي. العربيه نيوز مطابق وزا??ت جي ڊائريڪٽر جنرل م??جد الخليف ميڊيا کي ٻڌايو ته انهن جانورن مان 6 لک 33 هزار اسلامي ترقياتي ??ئنڪ (آءِ ڊي بي) جي قرباني پروگرام لاءِ آهن. هڪ موسم دوران وڌيڪ چوپايو مال مملڪت ۾ آندو ويندو. هن ٻڌايو ته مڪي پ??ڪ ريجن ۾ اسان جي وزارت چوپائي مال جا قرنطينيه مرڪز ۽ ليباريٽريون قائم ڪيون آهن جتي پهرين ترجيح اها هوندي آهي ته جانور وبائي بيمارين کان پاڪ هجن. ڊي جي جو چوڻ هو ته چوپائي مال جا جهاز بندرگاه پهتا آهن، جانورن جو ڊاڪٽر معائنو ڪندا جنهن بعد پتو لڳايو ويندو ته امپورٽ ڪيل جانور صحتمند آهن يا نه. ان حوالي سان جي سي سي ملڪن ۾ رائج قرنطينه قانون لاڳو ڪيو ويندو آهي.
حج سيزن لاءِ 14 لک کان وڌيڪ چوپايو مال جده بندرگاه پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ