برسلز- 21 فيبروري (اي پي پي)يو??پي يوني?? جي پرڏيهي ۽ سلامتي جي معاملن بابت هاءِ ڪمشنر جوزف بوريل چيو آهي ته عوام کي اردن درياهه جي ا??له??دي ڪناري ۾ رمضان المبارڪ دوران مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ??ين??ي. هن برسلز ۾ منعقد ٿيل پرڏيهي وزير?? جي اجلاس کان اڳ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته فلسطينين کي رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ 11 مارچ کان 09 اپريل تائين مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ ??ان معاملا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا ٿي ??ين??ا. هن چيو ته گذريل هفتي به رفح سرحد تي اسرائيل جي حملن کي روڪڻ جي اپيل ڪئي هئي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ان حوالي ??ان اسرائيل تي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رمضان المبارڪ جو مهينو ويجهو پهتو آهي جيڪڏهن رمضان المبارڪ دوران فلسطينين کي مسجد ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. واضح رهي ته اسرائيل جي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو چيو هو ته رمضان المبارڪ دوران فلسطيني?? جي مسجد الاقصيٰ ۾ داخلا محدود ڪئي ??ين??ي.
فلسطينين کي رمضان المبارڪ دوران مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ سان معاملا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا ٿي ويندا: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا