واشنگٽن -10 جولاءِ (اي پ?? پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن موجوده اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت کي ??يهوني رياست جي چوٿين وزيراعظم گولڊا مائير کان پوءِ اسرائيل ۾ سڀ کان وڌيڪ انتهاپسند قرار ڏيندي چيو آهي ته فلسطين تڪرار کي ??تم ڪرڻ لاءِ ٻه رياستي حل ئي صحيح رستو آهي. سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق سي اين اين کي ??نٽرويو ڏيندي جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت کي ??ولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي وسندين جي حوالي سان تنقيد جو نشانو بڻائندي چيو ته هو ان مسئلي جو حصو آهي. آمريڪي صدر خاص طور اسرائيلي ڪابينه جي ميمبرن تي به تنقيد ڪئي جيڪي چون ٿا ته اسان جتي چاهيون آباد ٿي سگهون ٿا. آمريڪي صدر چيو ته يوڪرين هن وقت تائين نيٽو ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. ان کان پهرين جو نيٽو اتحادي يوڪرين کي پ??هنجي صفن ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري يوڪرين جنگ کي ??تم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اتحاد ۾ يوڪرين جي ميمبرشپ تي ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو. سندس ملڪ ۽ سندس اتحادي يوڪرين کي گهربل ڄاڻ ۽ فوجي سازو سامان فراهم ڪندا رهندا.
نيتن ياهو جي حڪومت گولڊا مائير کان وڌيڪ انتهاپسند آهي: آمريڪي صدر
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری