ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? تبديلي مٿان کان هيٺ ايندي آهي، اسان تبديل ٿينداسين ته پوءِ عوام ۾ تبديلي ايندي، جڏهن ائين ٿيندو ته ڊيم به ٺهندا، قرض به لهندا ۽ هي ملڪ عظيم ملڪ بڻجندو، ديامر ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم تي گڏ ڪم شروع ڪنداسين. هو ڪراچي جي دوري جي موقعي ت?? ڊيمز جي لاءِ فنڊ ريزنگ جي ت??ريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير ۽ وڏي انگ ۾ سرندي وارن ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي ت?? شرڪت ڪندڙن ڊيمز فنڊ جي لاءِ وڏي رقم عطيو ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڻي ت?? جڏهن کيس بريفنگ ڏني وئي ت?? خيال آيو ته پاڪستان ۾ پاڻي ذخيرن جي ڪيتري ضرورت آهي?? ماضي ۾ ان طرف ڪو ڌيان نه ڏنو وي??، پاڪستان ۾ پاڻي ت?? سڀ کان وڌيڪ ڪم هڪ آمر ايوب خان جي دور ۾ ٿيو، ان سان پاڪستانين کي سستي بجلي ملي جڏهن ته بعد ۾ اسان سستي بجلي جي ذريعن کي ڇڏي مهانگي بجلي طرف هليا وياسين ۽ پاڻي ذخيرن تي ڪو ڌيان نه ڏنو.
تبديلي مٿان کان هيٺ ايندي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان