غزه-02 جنوري (اي پي پي) غزه ۾ بي گهر ماڻهن جي خيمه بستي تي اسرائيلي بمباريءَ جي نتيجي ۾ غ??ه جي پوليس چيف سميت 11 فلسطيني شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي سول ڊفينس ايجنسي جي ترجمان محمود بسال ٻُڌايو ته قابض اسرائيلي فوج رات دير سان غزه پٽي جي شهر خان يونس جي علائقي المواسي ۾ خيمه بستي تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻه?? شهيد ٿي ويا، جن ۾ 3 ٻار ۽ 2 عورتون به شامل آهن ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻُڌايو ته شهيد ٿيلن ۾ پوليس چيف محمود صلاح ۽ سندس نائب حسام شاهوان به شامل آهي. هڪ ڌار بيان ۾ غ??ه جي گهرو وزارت 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت جي مذمت ڪئي آهي. وزارت وڌيڪ چيو ته پوليس فورس هڪ سول پروٽيڪشن فورس آهي جيڪا شهرين کي خدمتن فر??هم ??رڻ لاءِ ڪم ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج