گڏيل قومون -09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور اس??ائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ بعد اولهه جي ردعمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته فلسطينين تي ڪيل ظلم تي عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي. دنيا کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. سعودي خابرو اداري مطابق هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اس??ائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ جي ڳالهه فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي. رياض منصور چيو ته سندس ملڪ اس??ائيل کي انهن قدمن کان ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو آهي، پر عالمي برادري ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هن چيو ته غزه ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو انهن قدمن جو نتيجو آهي ته اس??ائيل کي هاڻي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته اس??ائيل جي غزه جي گهيراءَ سان شهرين جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اس??ائيل کي غزه جو گهيراءُ فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ قتل عام کي روڪڻ لاءِ اس??ن سان ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته اس??ائيل کان فلسطين جي عوام لاءِ عالمي تحفظ ڪٿي آهي؟ رياض منصور چيو ته جڏهن مظلوم فلسطيني آه?? پوءِ عالمي برادري خاموش آهي، اس??ن انسان ناهيون جو اس??ن جي قتل جي اجازت ڏني وڃي ۽ اس??ائيلين جي قتل تي اعتراض ڪيو وڃي.
اسرائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ