نيويارڪ -29 مئي (اي پي پي) پاڪستان ?? سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم ٿي ويا. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي م??ير راڪم ۽ اوڀر ڪيريبين ۾ واقع ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ جي م??ڪ سينٽ لوشيا سان سندس هم منصب مينيسا ريمبالي ٻنهي م??ڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ لاءِ سندن حڪومتن طرفان هڪ گڏيل پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون ويون. ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي م??ڪن دولت مشترڪه سميت گهڻ رخي فورمز تي سهڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ??اضابطا لاڳاپن جي ??يا?? سان ٻه طرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سياسي سهڪار جي شعبن ۽ سياحت کي هٿي م??ندي. ان موقعي تي سينٽ لوشيا جي سفير ٻنهي م??ڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جي هڪ نئين پر اهم باب جي شروعا تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي اسٽار ڪرڪٽر ڊيرن سيمي جنهن جو تعلق سينٽ لوشيا سان آهي، هڪ اعزازي پاڪستاني شهري به آهي جيڪو سدائين پاڪستان ?? اتان جي عوام جي م??مان نوازي بابت ڳالهيون ڪندو آهي. سفير تقريب جي م??زباني ڪرڻ تي پاڪستاني نمائندي جو شڪريو به ادا ڪيو.
پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس