رياض-05 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب طرفان غزه جي متاثرن لاءِ شروع ڪيل عوامي عطيي واري مهم ۾ هن وقت تائين ڪل عطيو 625 ملين ريال جمع ٿيا آ??ن. ??بق ويب سائيٽ موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي هدايت تي عوام ۾ عطيي واري مهم جاري آهي. مهم شروع ڪرڻ جو اعلان شاهه سلمان انساني امداد واري مرڪز جي نگران اعليٰ ?? شاهي مشير ڊاڪٽر عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ڪيو هو. غزه جي متاثرن لاءِ شروع ڪيل ان عطيي جي مهم ۾ سڀ کان پهرين شاهه سلمان بن عبدالعزيز طرفان 30 ملين ريال عطيو ڪيو ويو، بعد ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان 20 ملين ريال جو عطيو مرڪز جي ساهم پورٽ ۾ جمع ڪيو ويو. مهم شروع ٿيڻ کان هن وقت تائين 17 لک 11 هزار ماڻهن غزه ۾ پنهنجي ??لس??يني ڀائرن لاءِ عطيا جمع ڪر??يا آهن.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ