واشنگٽن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمر??ڪا چيو آهي، ته فرانس جي نائيجر مان واپسي بعد نائيجر جي حوالي سان آمريڪي مو??ف ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي، فرانس جي نائيجر مان پنهنجي فوج جي واپسي جي اعلان بعد آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته فرانس جي ان قدم بعد اسان جو مو??ف تبديل نه ٿيندو. هن چيو ته نائيجر ۾ هن وقت اٽڪل 1100 آمريڪي فوجي اهلڪار مقرر آهن. ٻئي طرف آمريڪي دفاع واري وزير اعلان ڪيو آهي، ته فرانس طرفان نائيجر مان پنهنجي س??ير ۽ فوج جي واپسي واري اعلان بعد آمر??ڪا نائيجر بحران جي حوالي سان پنهنجي مستقبل جي قدمن جو جائزو وٺندو. هن ڪينيا جي دوري دوران نيروبي ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته جڏهن ته اسان سفارتڪاري کي هڪ اهم مو??عو ڏيندا آهيون ته اسان مستقبل لاءِ اهڙن قدمن جو به جائزو وٺي رهيا آهيون جنهن س??ن اسان جي س??ارتي ۽ سلامتي وارن هدفن کي ترجيح ملي.
نائيجر مان فرانس جي واپسي بعد به آمريڪي موقف تبديل نه ٿيندو: ترجمان
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز