اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير ??بد??لعليم خان چيو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار ڪراچي کان سکر موٽر وي ??ي تعمير هلندڙ سال 2025ع ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي سکر موٽر وي پراجيڪٽ کي پب??ڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طور تي شروع ڪري سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن خاص کاتيوار اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته ان موٽر وي ??ي شروعات ڪراچي پورٽ کان ٿيندي ۽ ان کي سکر موٽر وي ??ان ڳنڍيو ويندو، اهڙيءَ طرح ڪراچي کان سکر موٽر وي کان پوءِ ملڪ ۾ نارٿ، سائوٿ موٽر وي ??و نيٽ ورڪ مڪمل ٿي ويندو. وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي سکر موٽروي پراجيڪٽ کي پب??ڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طور شروع ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن پب??ڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ميسر نه ٿي ته حڪومت پاڻ ان موٽر وي ??و خرچ کڻندي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ 25 سالن ۾ اها موٽر وي ??ڪومت کي 3 هزار ارب رپيا منافعو ڪمائي ڏيندي. هن چيو ته ڪراچي سکر موٽر وي ??و ڪم انشاءَ الله 2025ع ۾ جلد کان جلد شروع ڪري ڇڏيندي ته جيئن قومي تر??ي جي ان اهم منصوبي کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ پڄاڻي تائين پهچائي سگهجي.
ڪراچي- سکر موٽر وي ملڪي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste