اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي جي علائقي باغ ۾ خارجين جي خلاف ڪامياب ??پريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پذيرائي ڪندي چيو آ??ي ته ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خارجي سرغنه سميت چار خاجين کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ ٽن کي زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي سارا??يو. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردي جي ملڪ مان خاتمي جي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ