اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد آصف ک?? دوحه ۾ انٽرنيشنل بليئرڊز اينڊ ورلڊ سنوڪر فيڊريشن (آءِ بي ايس ايف) چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته محمد آصف ٽيون ڀيرو عالمي چيمپيئن شپ کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. محمد آصف جا گهرڀاتي ۽ سندس ڪوچ به ان ف??ح تي مبارڪباد جا مستحق آهن. عالمي چيمپيئن شپ کٽڻ جي لاءِ محمد آصف ڏينهن رات محنت ڪئي جنهن جي لاءِ هو ساراهه جي لائق آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته رانديگرن کي عالمي معيار جون سهولتون ف??اهم ڪيون وڃن. عالمي مقابلن جي لاءِ رانديگرن کي ت??ار?? جي مع??ار?? سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
وزيراعظم پاران محمد آصف کي دوحه ۾ آءِ بي ايس ايف چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha