اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)م??صو??ا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته معذور ماڻهن لاءِ برابري وارا موقعا پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن معذور ماڻهن جي حوالي سان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ حڪومتي عهديدارن، گڏيل قومن جي نمائندن ۽ سماجي شعبي جي اهم اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. وفاقي وزير معذور ماڻهن کي ??ساوي موقعا فراهم ڪرڻ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ انساني ترقي بنيادي حيثيت رکي ??ي. هن ويزن 2025ع ۽ ويزن 2010ع تحت انساني ترقي ۽ مساوي موقعا فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ??رجايو. احسن اقبال امن، سياسي استحڪام، پاليسين جي تسلسل ۽ مستقل سڌارن کي ??ائيدار ترقيءَ لاءِ اهم ٿنب قرار ڏنو. هن چيو ته ويزن 2025ع تحت انهن ٿنڀن کي ??ومي حڪمت عمليءَ ۾ شامل ڪيو ويو. هن معذور شاگردن لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز جي فراهمي ۽ تعليمي ادارن ۾ ريمپ ۽ ٻين سهولتن جي دستيابي جي م??صو??ي کي اجاگر ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته روڊز اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن نور کان محروم پاڪستاني شاگردياڻي خنسا ماريا جهڙيون هوشيار شاگردياڻي ٻين معذور ماڻهن لاءِ همٿ جي علامت آهي. پروفيسر احسن اقبال گڏيل قومن جي حڪمت عملي سان هم آهنگيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته حڪومت فائيو ايز فريم ورڪ تحت هر شهري کي ??ساوي موقعا فراهم ڪرڻ جي عزم تي عمل پيرا آهي. هن معذوريءَ کي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي پاڪستاني معاشري کي اپيل ڪئي ته هر ماڻهو جي لِڪل صلاحيتن کي تسليم ڪيو وڃي. هن معذور شاگردن لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز جي تقسيم جي حڪومتي م??صو??ي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان پروگرام معذور شاگردن کي ان قابل بڻايو ته هو آزاداڻي طور تي لائبريرين، ڪلاس رومز ۽ ليبارٽرين تائين پهچي سگهن. ان م??صو??ي تحت تعليمي ادارن کي ??عذور شاگردن جي سهولتن لاءِ ريمپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ته جيئن انهن کي تعليمي ميدان ۾ به هڪجهڙا موقعا ملي سگهن. گڏيل قومن طرفان معذور ماڻهن جي شموليت کي ??ٿي وٺرائڻ ۾ سهڪار تي شڪريو ادا ڪندي احسن اقبال چيو ته حڪومت جو عزم گڏيل قومن جي حڪمت عمليءَ سان مڪمل هم آهنگ آهي. هن چيو ته اها حڪمت عملي حڪومت جي فائيو ايز فريم ورڪ سان هڪجهڙائپ رکي ??ي، جنهن جو مقصد هر شهريءَ کي ??ساوي موقعا فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهو اسان جو انساني، اخ??اق?? ۽ قومي فرض آهي ته ڪوبه شهري جسماني معذوري سبب پوئتي نه رهجي وڃي. هن ويزن 2025ع جي حوالي سان ٻُڌايو ته مساوي ترقي نه صرف حڪومت جي ترجيح آهي پر قومي معاشي ايجنڊا جو هڪ اهم ٿنڀ به آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد هڪ مساوي ماحول فراهم ڪرڻ آهي، جتي هر شهري ملڪ جي ترقيءَ ۾ مڪمل حصو وٺي سگهي.
معذور ماڻهن لاءِ برابري جا موقعا پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن