اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪراچي اليڪٽرڪ کي در??يش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ معاشي استحڪام جي لاءِ وڏا ??را??ا مسئلا هل ڪيا، ملڪ ۾ ٻاهرئين س??ڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي سموريون س??ولتون ڏيڻ اولين ترجيح رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري ن??ران وفاقي وزير محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شرڪت ڪئي. ڪراچي اليڪٽرڪ جي وفد نگران وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جا ڪراچي اليڪٽرڪ جا ??را??ا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي اليڪٽرڪ کي در??يش باقي مسئلن جو پڻ ترجيحي بنيادن تي حل ڪڍيو وڃي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏا ??را??ا مسئلا حل ڪيا. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين س??ڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي سموريون س??ولتون ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح رهي آهي، حڪومت ان بنيادي اصول تي عمل پيرا ٿي مثبت نتيجا حاصل ڪيا، نگران حڪومت آخري ڏينهن تائين ملڪي معيشت کي در??يش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. نگران وزيراعظم گذريل ڏينهن نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اِي) جي وچ ۾ انٽر ڪنيڪشن معاهدي تي صحيحن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪراچي اليڪٽرڪ جي سي اي او حڪومت پاران ڪمپني کي در??يش مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل تي ن??ران وزيراعظم ۽ حڪومتي اهلڪارن کي خراج تحسين ??يش ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته باقي رهيل مسئلن جو به جلد حل ڪڍي حڪومت ڪراچي جي رهواسين کي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي راهه ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ جا مسئلا ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزون ??يش ڪيون ويون. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيپرا ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ ترجيحي بنيادن تي گڏجي انهن مسئلن جو حل ڳولين ۽ ان س??سلي ۾ جلد کان جلد رپورٽ ??يش ڪن.
نگران وزيراعظم پاران ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2