لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان لاهور آفيس جو دورو ڪيو. اسٽيشن ڊائريڪٽر جاويد اختر ۽ ناليواري اداڪار خالد ??باس ڊار وفاقي وزير جو استقبال ڪيو ۽ گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو جي عم??رت ۾ قديم ترين ورثي جون شيون ڏٺيون ۽ انهن جو جائزو ورتو جڏهن ته پراڻو پيانو وڄائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير ريڊيو آفيس جي مختلف حصن بشمول ميوزڪ لائبريري، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز چينل جو دورو ڪيو ۽ نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز لاهور ان سائيٽ پروگرام ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار پڻ ڪيو. هن ريڊيو اسٽاف جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ پراڻي مسئلن تي ٺوس بريفنگ پيش ڪرڻ جي ه??اي?? ??ئي ۽ انهن شڪايتن کي ختم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ريڊيو اسٽيشن جي ڊائريڪٽر جاويد اختر وفاقي وزير کي ريڊيو پاڪستان جي ڪم بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان لاهور جي لابي ۾ تاريخي گلوڪارن ۽ فنڪارن جون تصويرون پڻ لڳل آهن.
اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان لاهور آفيس جي دوري دوران پراڻو پيانو وڄائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری