اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسلام آباد جي سمورن تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. وفاقي نظامت تعليمات (اي?? ڊي اي) اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مرمت ۽ سارسنڀال جي سمورين ضرورتن جو جامع ڊيٽا فراهم ڪن، هن اها ڳالهه ڊائري??ٽر?? اسڪولز اينڊ ڪاليجز اي?? ڊي اي سان ملاقات دوران ڪئي. مدد علي سنڌي اي?? ڊي اي کي ڪلاس 4 جي 32 خالي آسامين کي پورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سارسنڀال کي يقيني بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته سمورين سيٽن تي فورن ڀرتيون ڪيون وڃن. هن اي?? ڊي اي کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو اسلام آباد ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مرمت ۽ سارسنڀال جي سمورين ضرورتن جو جامع ڊيٽا فراهم ڪن. هن چيو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته اي?? ڊي اي کي فنڊز فراهم ڪيا وڃن ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ اسلام آباد جي تعليمي ادارن کي بنيادي سهولتون ميسر ٿين. وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڪينٽينن جا اوچتا دؤرا ڪيا جن کي مون انتهائي غير صحت بخش ڏٺو. هن اي?? ڊي اي کي هدايت ڪئي ته سمورين ڪينٽينن جي کاڌي جي معيار جو آڊٽ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن کاڌي ۾ معيار مناسب نه هجي ته ان جي ليز رد ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سندس ويزن آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته اسلام آباد جي سمورن تعليمي ادارن کي ان جي حڪومتي دؤر ۾ مناسب ۽ فعال بنيادي سهولتن ميسر ٿين.
اسلام آباد جي سمورن تعلييم ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو: وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : راکی