اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏ??ل عرب امارات ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏ??ل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي معاشي ۽ مالي استحڪام جي لاءِ ان جي ڀرپور حمايت تي دل سان ان جا ٿورا مڃيا جيڪو يقيني طور تي پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ ان جي گهري محبت ۽ خيال رکڻ جو اظهار آهي. وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 1 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ تي ??ڻ ان جا ٿورا م??يا. جنوري ۾ گڏ??ل عرب امارات جي پنهنجي ڪامياب دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏ??ل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي گڏ??ل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪوپ ??? 28 جي لاءِ دعوت تي ??ڻ ان جا ٿورا مڃيا ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏ??ل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو. هن 6 جولاءِ 2023ع تي ڪوپ ??? 28 جي نامزد صدر جي پاڪستان جي دوري دوران موسمياتي تبديلي جي چئلينجن جي امڪاني حل بابت ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي ??ڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ گڏ??ل عرب امارات ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين گڏ??ل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جي تاريخ آهي جنهن جي خصوصيت گڏ??ل اعتماد ۽ افهام و تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي مستقل روايت آهي. گڏ??ل عرب امارات 1.7 ملين پاڪستانين جو گهر آهي، جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ