اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آهي ته فارن ف??ڊڊ پارٽي?? کي ملڪ کي عالمي چوڪ بڻائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، قوم جي مفاد کي مٿانهون رکندي فيصلا ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ منعقد قومي آئيني ڪنوينش?? کي خطاب ڪندي مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو ته هو مختلف سياسي پارٽين جي انهن لکين سياسي ڪارڪن?? کي خراج تحيش پيش ڪرڻ چاهي ٿو جنهن اڄ تائين 1973ع جي آئي?? کي محفوظ رکيو آهي. اڪابرن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هن ملڪ لاءِ آئين ٺاهيو ويو، 1973ع جي آئين کانپوءِ ضياءُ الحق ۽ مشرف مارشل لا لڳايو ۽ عدالتن نظريه ضرورت تحت ا?? کي نه رڳو جائز قرار ڏنو پر فرد واحد کي آئين ۾ ترميمن جي اجازت به ڏني وئي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جو تعين ايوب، ضيا ۽ مشرف ڪندا آيا آهن، هي پاليسي هن ايوا?? کي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان چين سان معاشي معاهدن تي عملدرآمد چاهيون ٿا، افغانستان ۾ افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، اسان ايران سان اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا جون عالمي تنظيمون هتي پنهنجي غلام سياستدانن ۽ فارن ف??ڊڊ پارٽين جي مدد ڪنديون آهن، اهي آئين جي شڪل بگاڙيندا آهن. اهي عدالتي نظام کي بگاڙيندا آهن ۽ قوم کي ورهائيندا آهن. پاڪستان ۾ ڇو فارن ف??ڊڊ پارٽي?? کي اڳتي آندو پيو وڃي، اسا?? کي انهن فارن ف??ڊڊ پارٽين سان ڳالهين تي ڇو مجبور ڪيو پيو وڃي، اسان ڳالهيون پاڪستان ۽ پاڪستان جي انهن پارٽين سان ڪنداسين جيڪي عالمي ايجنڊا تي عمل پيرا نه هجن. اسا?? کي پشتون، بلوچ، سرائيڪي قومپرستن سان به ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آئين سان اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪم ڪري رهي آهي، ڇو نه ان جي متفقه سفارش?? کي هن پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سفارشون مڪمل آهن. هن چيو ته اسان اڄ به آئين ۽ پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهيون. هتي فراڊي ايندا آهن، ضياءُ الحق به اسلام جو نعرو لڳايو ۽ هاڻي هڪ فراڊي به مديني جي رياست جو نالو وٺي رهيو آهي پر اسلام پسندن سدائين اهڙن ??وکي باز?? کي رد ڪيو آهي. هن آئين جي جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورن اڳواڻ?? کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان جي اڪابرن قربانيون ان لاءِ ناهن ڏنيون ته هتي فارن ف??ڊڊ پارٽيون ملڪ کي عالمي چوڪ بڻائي ڇڏين جتي ڀاڙي تي سياستدان دستياب هجن، ملڪ لاءِ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
آئين ۽ پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهيون، 1973ع جي آئين کي محفوظ رکندڙ لکين سياسي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا: وفاقي وزير مولانا اسعد محمود
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha