ملتان – 24 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته معاشري ??ان عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، پاڪستان ۾ اسلامي تعليم موجب عور??ن کي ان جي جائيداد جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، سڄي م??ڪ ۾ عور??ن کي انهن جي جائيداد جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن ۽ عورتن تي تشدد جي خاتمي بابت مرڪزن بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عور??ن کي مشڪلاتن مان نه گذرڻو پوي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوشل ويلفيئر ڪمپليڪس ملتان ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي واري ??رڪز جي دوري دوران ڪيو. عملدارن کيس مرڪز ۾ ڏيندڙ سهولتن ۽ مختلف شعبن جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي خاتون اول چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ عورتن جي ڪردار کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اسلام مرد ۽ عورت جي حقن ۽ فرضن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. هڪ مثالي اسلامي معاش??ي ۾ جيڪي عور??ن کي حق حاصل هوندا آهن اهي ڪنهن ٻئي معاش??ي ۾ حاصل نه آهن، پاڪستان ۾ عور??ن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ اڳتي وڌڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي پر انهن ڪوششن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻو پوندو. بيگم ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جا قانون موجود آهن پر انهن تي مڪمل طور تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. ملتان ۾ قائم عورتن تي تشدد جي خاتمي واري ??رڪز جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي مرڪز ون ونڊو آپريشن جون خدمتون فراهم ڪري ??و ۽ هتي تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عور??ن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته عورتن تي تشدد جي خاتمي واري ??رڪز ملتان جي ڪم کي ساراهيندي مرڪز بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ثمينه عارف علوي چيو ته ان حوالي سان اسڪولن، مارڪيٽن، اسپتالن، ريلوي اسٽيشنز، ايئرپورٽس، پوليس ٿاڻن ۽ عدالتن سميت ٻين اهم جاين تي آگاهي پمفليٽ لڳايا وڃن. عورتن تي تشدد جي خاتمي وارو مرڪز ون ونڊو آپريشن جي حيثيت رکي ٿو، جتي عور??ن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. تشدد جي خاتمي واري ??رڪز جو مقصد تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عور??ن کي مشڪلا??ن کان بچائڻ ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. متاثر عورتون ٽول فري ??مبر 1043 تي رابطو ڪري عورتن تي تشدد جي خاتمي واري ??رڪز کي پنهنجي شڪاي??ن کان آگاهه ڪري سگهن ٿيون، جنهن کانپوءِ مرڪز پاران انهن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي ويندي آهي. متاثر عورتن جي گهر وڃي مدد فراهم ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن متاثر عورت کي سينٽر تي آڻڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته انهن کي اتي آندو ويندو آهي جتي عورت پوليس اهلڪار انهن جون ايف آءِ آر داخل ڪنديون آهن. عور??ن کي مدد ۽ مشورا فراهم ڪيا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن تشدد ٿيو هجي ته طبي سهولتون به ڏنيون وڃن ٿيون. ان کانسواءِ مرڪز ۾ شيلٽر هوم ۽ پراسيڪيوشن جي سهولت به موجود آهي.
معاشري مان عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش