اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻار جي ??حت جي فروغ ۽ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي بابت معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافو قومي وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي رهيو آهي، عالم سڳورا، ميڊيا ۽ راءِ رکندڙ ماڻهو خانداني منصوبابندي جي ??مايت سان معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يا?? موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي ??بادي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته وڌندڙ آبادي کي روڪڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي اهم ذريعو آهي، عالم سڳورن ۽ ميڊيا کي خانداني منصوبابندي بابت ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪرڻ جي ??رورت آهي، سموريون ڌريون خانداني منصوبابندي ۽ بهتر خانداني صحت کي شادي شده جوڙن جي ??نيادي انساني حقن طور تي فروغ ڏيڻ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪن. صدر چيو ته خانداني منصوبابندي جي مصنوعات ۽ خدمتن جي ??لب پوري ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن عوام جي ??حت ۽ غذائيت بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي موت جي ??رح ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ??رورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماءُ جي ??حت، توليدي صحت، ذهني ۽ جسماني ڪمزوري ۽ غذائيت جي کوٽ تي ڌي??ن ڏيڻو پوندو. هن خانداني منصوبابندي ۽ بهتر صحت جي فروغ لاءِ صوبائي حڪومتن سميت سمورين ڌرين پاران موثر قدم کڻڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. گڏيل قومن جي ??بادي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني صدر کي پاڪستان ۾ خانداني منصوبابندي جي ??دمتن جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي ??بادي فنڊ جي ڪردار بابت آگاهه ڪندي چيو ته آبادي فنڊ اهم ادارو آهي جنهن پاڪستان ۾ هيستائين ڪيل سموري ڊيموگرافڪ ۽ هيلٿ سروي کي مدد فراهم ڪئي آهي. ڊاڪٽر لوئي شباني چيو ته آبادي فنڊ اعليٰ معيار جي ??انداني منصوبابندي جي معلومات ۽ خدمتن جي ??يز تر فراهمي ۽ پهچ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ??مايت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو آبادي فنڊ گذريل 50 سالن کان پاڪستان کي فني ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي.
آبادي ۾ تيزي سان اضافو قومي وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي رهيو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا