اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر ڊاڪٽر احسن اقبال چيو آهي ته اُسرندڙ ملڪن کي قرض?? تي رليف جي ضرورت آهي، حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آ??ن. ??ٿابندي، ترقي واري وزارت ۾ ايس ڊي جيز يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيل ٻوڏ سبب نقصان 46.4 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. ٻوڏ سبب غربت ۾ 3.7 سيڪڙو کان 40 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي، 84 لک کان 91 لک ماڻهو غربت جو شڪار ٿيا، ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک آبادي متاثر ٿي آهي، 25 غريب ترين ضلعن ۾ پڻ 19 ضلعا ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. فرينڊز آف پاڪستان ڪانفرنس 10 جنوري تي منعقد ٿيندي. اهڙو اظهار هن پائيدار ترقيءَ واري اداري جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ کانپوءِ ڪيترائي چئلينج موجود آهن، سمورن سارڪ ملڪن کي بهتر زندگيءَ جي معيار جا چئيلنجز سامهون آ??ن. ??ارڪ ملڪن ۾ موسمياتي تبديليون، روس ۽ يوڪرين جنگ کان وڌيڪ خطرناڪ آ??ن. ??ارڪ ملڪن ۾ موسمياتي تبديليون عالمي برادريءَ جو توجهه چاهين ٿيون، عالمي امدادي ادارا سارڪ ملڪن کي 30 کان 35 سالن جي ڊگهي مُدي جا قرض ??ين، سارڪ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڊگهي مُدي وارن فنڊن جي ضرورت آهي. هن چيو ته خطي جي ملڪن کي معاشي، سماجي ۽ موسمياتي تبديليءَ جهڙا چئلينجز آڏو آ??ن. ??وس ۽ يوڪرين جنگ سبب اُسرندڙ ملڪ?? تي دٻاءُ آهي، بين الاقوامي مالياتي ادارا اُسرندڙ ملڪن کي ڊگهي مُدي جا سستا قرض فراهم ڪن. ڊاڪٽر احسن اقبال چيو ته معاشي بحالي هڪ ڊگهي مُدي واري ايجنڊا آهن، خطي جي عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏيل ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ادائگي جي توازن جا بحران موجود آهن، اُسرندڙ ملڪن کي قرض?? تي رليف ڏيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آ??ن. ??ٿابندي واري وزارت ۾ ايس ڊي جيز يونٽ قائم ڪيو ويو آهي.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن، سماجي تحفظ جي پروگرام?? تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
اُسرندڙ ملڪن کي قرضن تي رليف جي ضرورت آهي، حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آهن: ڊاڪٽر احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی