نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هنگري جي واپار ۽ پرڏيهي وزير پيٽرز زيجارتو سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئ??. پ??ڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها ملاقات نيويارڪ ۾ ٿ??. پ??ڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هنگري سان ٻطرفن ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن تي غور ڪيو ويو جن ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري، ثقافت، دفاع ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت معاملا شامل آهن. ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي جو ب?? جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻطرفن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيندي پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ته هنگري پاڪستان ۾ سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻي پاڪستاني ڪمپنين سان خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهي ٿو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن جو ب?? جائزو ورتو.
بلاول ڀٽو زرداري جي هنگري جي واپار ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ