اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستا?? جي حڪومت?? جي خواهشن موجب هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي جي بجيٽ فراهم ڪئي پئي وڃي، عمران خان حڪومت آءِ ايم ايف معاهدي ۾ پيٽروليم تي ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي، اسان اها شرط تسليم نه ڪئي، ڀارت جا سمورا حربا ڪشميري ڀينرن ڀائر?? جي حوصلن کي نه ٿا ٽوڙي سگهن. هو منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏ وفاقي ڪ??بي??ا جي اجلاس کانپوءِ صح??في?? کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي حڪومت جو ڏاڍ ۽ بربريت زورن تي ??هي?? ڀارت پاران 12 شهرين کي شهيد ڪندي تشدد جي نئين لهر مڙهي پئي وڃي. هن چيو ته وفاقي ڪ??بي??ا اجلاس کانپوءِ هڪ ٻيو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سميت ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جون حڪومتون آهن ۽ هڪ تاثر ڏنو ويو ته وفاقي حڪومت پاران بجيٽ گهٽ ڪئي پئي وڃي، اهو معاملو وزيراعظم شهباز شريف جي علم ۾ آندو ويو ته هن ان تي نوٽيس ورتو. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ هونئن ئي معاشي بحران ??هي?? هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ ڪنهن صوبي کي ترقياتي بجيٽ جاري ناهي ٿي سگهي پر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي منصوبابندي، ترقي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستا?? جي بجيٽ کي خواهش?? جي موجب بڻايو ??هي?? پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ٻنهي حڪومت?? جي درخواست تي نه پر اسان پاڻ ئي فوري اجلاس گهرايو ۽ انهن کي گهرايو، اڄ انه?? جي اطمينان موجب معاملو حل ٿيو آهي. هن چيو ته وفاق سمورن صوب?? جي برابر ترقي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جون ڪيتريون شرطون مڃي رهيا آهيون اهو به قوم کي ٻڌائڻ ضروري ??هي?? عمران خان آءِ ايم ايف سان پيٽروليم ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي پر اسان ان شرط کي نه مڃيو، مشڪل فيصلا ڪندڙ حڪومت ايتري ئي جرئت سان امير?? جي سموري ڪلاسز تي اضافي ٽيڪس لڳائي رهي ??هي?? اسان جو اهو ئي مقصد آهي ته پاڪستان ۾ امير ۽ غريب ۾ جيڪو فاصلو وڌندو پيو وڃي ان کي گهٽ ڪيو وڃي، غريبن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين.
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن جي خواهشن موجب هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي جي بجيٽ فراهم ڪئي پئي وڃي: قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس